ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) بيلجيم جي جبل چاڙهو نيلس جيسپر پاڪستان ۾ دنيا جي ٻي وڏي پهاڙي چوٽي ڪي ٽو سر ڪري ورتي آهي. نيلس جيسپر بيلجيئم سان واسطو رکندڙ جبل چاڙهو آهي، جنهن گذريل 10 ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ واقع 8 هزار ميٽر يا ان کان وڌيڪ بلند 2 چوٽيون سر ڪيون آهن. ان سلسلي جي اهم ڳالهه اها آهي ته هُن پرڏيهي آڪسيجن فراهم ڪندڙ سهولت جو سهارو ناهي ورتو. اهو چيلينج پورو ڪرڻ تي مختلف سفارتي ۽ سماجي حلقن طرفان کيس واڌايون ڏنيون پيون وڃن.