کهڙا: مبينا طور گم ٿيل نوجوان ناري بازياب

0
216

کهڙا (ن پ ا) کهڙا جي شاهي بازار مان 18 ڏينهن اڳ مبينا طور پراسرار نموني گم ٿيل وڏپڳيا واسڻ نوجوان ناري زويا ڪلهوڙو کي کهڙا پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪنڊياري ۾ ساجن لاکو جي گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو، ان سلسلي ايس ايڇ او کهڙا لياقت علي مغيري صحافين کي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪنڊيارو ۾ ساجن لاکو جي گهر تي ڇاپو هڻي زويا ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي ساجن لاکو کي گرفتار ڪيو آهي، کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناري زويا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجو بيان عدالت ۾ ڏيندس.