ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار جي جيون ساٿي مشهور اداڪارا ٽوئنڪل کنا وڌيڪ تعليم لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏي. اڪشي ڪمار ان تي بيان ڏيندي چيو ته اڪثر ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ڪاليج ڇڏڻ ويندا آهن جڏهن ته مان پنهنجي زال کي يونيورسٽي ڇڏڻ ويندو آهيان. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ٽوئنڪل کنا ماسٽرز لاءِ ”فڪشن رائٽنگ“ جو ڪورس چونڊيو آهي. رپورٽ ۾ آهي ته ممبئي ايئرپورٽ تي ميڊيا ڏيکاريو ته اڪشي ڪمار سندس اولاد آروو ۽ نتارا سميت پنهنجي زال کي لنڊن ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو.

اڪشي ڪمار پنهنجي 55 هين سالگرا لاءِ 9 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ رهندو جڏهن ته ٽوئنڪل کنا ماسٽرز کانپوءِ ڀارت واپس ايندي.