مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ صوفي فقير محمد سائين کٽياڻ جو ساليانو عرس مبارڪ ميلو ملهايو پيو وڃي. ميلي جي شروعات درگاھ  جي گادي نشين احمد خان کٽياڻ درگاھ تي چادر چاڙهي مهندي جي رسم ادا ڪري ڪئي. ميلي ۾ سڄي سنڌ مان آيل ٻين درگاهن جي گادي نشين، صوفي فقيرن ۽ راڳين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي راڳ جي محفل سڄو ڏينهن جاري رهي جنهن ۾ هر فنڪار کي ٻه ڪلام ڳائڻ لاء ڏنا ويا فنڪارن ۾ فقير رضا محمدبروهي، محبت علي فقير، عرس فقير، دلدار فقير، رجب علي فقير، مولابخش فقير، گل بيگ فقير، آچر فقير ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام ۽ ڪافيون ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو،. درگاھ جي گادي نشين فنڪارن کي ڪيش انعام پڻ ڏنو .