برازيل(انٽرسٽنگ نيوز) برازيل سان تعلق رکندڙ هڪ ملاح سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ کانپوءِ 11 ڏينهن کانپوءِ به معجزاتي طور بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 44 سالن جو رومالڊو ميڪاڊو سمنڊ ۾ شڪار ڪري رهيو هو ته هن جي ڪاٺيءَ جي ٻيڙي ۾ پاڻي ڀرجڻ شروع ٿي ويو. ملاح سمنڊ اندر پنهنجي ويجهو هڪ فريزر ترندي ڏٺو ته اهو ٻيڙيءَ مان ٽپو ڏئي ان فريزر اندر هليو ويو. اهو فريزر پاڻيءَ ۾ 11 ڏينهن تائين ترندو رهيو جنهن کانپوءِ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ سرينام ويجهو ملاحن هن کي بچايو. رومالڊو ميڪاڊو هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مان پريشان ٿي ويو هيس، مونکي لڳندو هو ته مان هاڻي مرڻ وارو آهيان، پر خدا مونکي هڪ ٻيو موقعو ڏنو، مان ڏٺو ته فريزر پاڻيءَ ۾ ٻڏي نه پيو ته مان ٽپو ڏئي ان اندر هليو ويس. ملاح ٻڌايو ته مونکي ترڻ نه ايندو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ته ايئن لڳو ته ڪٿي ٻلهڻ حملو نه ڪري. هن چيو ته هڪ موقعي تي ٻلهڻ مڇين فريزر کي گهيري ورتو هو پر پوءِ اهي هليو ويون. رومالڊوميڪاڊو موجب ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فريزر ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو هو جنهن کي مان هٿن سان ٻاهر ڪڍيو. اهو کائڻ ۽ پيئڻ کانسواءِ 11 ڏينهن تائين زنده رهيو، هو پاڻيءَ جي ڪميءَ جو شڪار ٿي ويو هو جڏهن ته هن جا ڪپڙا به ڦاٽي ويا هئا.