ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) ٽنڊي ڄام ۾ ڏوهارين پوليس جون متيون منجهائي ڇڏيو آهن! ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي حد مان ڏوهاري هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽنڊو قيصر روڊ تان اسڪول ويندڙ استاد خادم نظاماڻي کان موبائيل فون 20 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڪجهه دير بعد ٽنڊو ڄام جي رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو ڄام مان چور شاهنواز سيال نالي شهري جي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، ساڳي ڏينهن تي ڏينهن ڏٺي جو ڦورو المدينه ڪالوني واري علائقي مان شهري ثاقب انعام کان 125 موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.