جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ سميت متاثرن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت ڊي سي آفيس ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اعجاز حسين جکراڻي برسات دوران مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويل ڪيترن ئي متاثرن جي وارثن ۾ 10-10 لک رپين جا چيڪ تقسيم ڪيا.صوبائي صلاحڪار ڊي سي سميت لاڳاپيل عملدارن کان بريفنگ ورتي.گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪب آباد ۾ بيٺل برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ سيف الله ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال کي لڳل ڪٽ بند ڪري کيرٿر ڪئنال جو ريگيوليٽر کوليو ويندو ۽ جيڪب آباد ۾ بيٺل برساتي پاڻي کي کيرٿر ڪئنال ذريعي نيڪال ڪيو ويندو. صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ فوري طور اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن جلد متاثرين پنهنجي پنهنجي اجهن تائين پهچي سگهن. هنن چيو ته روڊن مٿان ويٺل متاثرين کي صحت جي سهولتن سميت سڀئي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، صوبائي صلاحڪار عملدارن کان متاثر گهرن بابت سروي رپورٽ گهري ورتي ته جيئن متاثرين کي گهر به تعمير ڪرائي ڏنا وڃن.