حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻولي جي جاڳرتا مهم جي سلسلي هيٺ قاسم آباد ۾ ريلي ڪڍي دڪاندارن کي پنهنجن دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي سنڌي ۾ نالا لکرائڻ جون گذارشون ڪيون ويون. اها ريلي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد جي مک شيخ اياز روڊ تي ڪڍي وئي. ريلي ۾ اديب جامي چانڊيو، نصير مرزا، شبنم گل، نظير قريشي، منصور قادر جوڻيجو سميت ٻيا اديب، شاعر ۽ ليکاري شريڪ ٿيا. ريلي ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل هو. سندن هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز هئا جن تي سنڌي ٻولي کي بچائڻ ۽ عام واهپي ۾ آڻڻ لاءِ نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر  اسحاق سميجي چيو ته سنڌي ٻولي کي ڪيترائي خطرا لاحق آهن. ٻولي جي واهپي بابت حساسيت پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي آهي ته جيئن دڪاندارن ۽ ڪاروباري مرڪزن جي مالڪن کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪري سگهجي ته هو پنهنجن دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي سنڌي زبان ۾ نالا لکرائين. هن چيو ته اها مهم ساندهه فيبروري تائين جاري رهندي ۽ بعد ۾ به ان مهم کي جاري رکيو ويندو. جامي چانڊيو چيو ته جيڪي ٻوليون عام واهپي ۾ نه اينديون آهن انهن کي خطرا هوندا آهن ان ڪري سنڌي ٻولي جو عام واهپو ضروري آهي ته جيئن پنهنجي ٻولي کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي. هن نوجوان نسل تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ٻولي جو واهپو ڪن ته جيئن سندن ٻولي کي لاحق خطرا ٽري سگهن. نصير مرزا چيو ته نوجوانن کي ٻين ٻولين سان گڏ پنهنجي ٻولي به واپرائڻ گهرجي. شبنم گل چيو ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي اهيمت نٿي ڏني وڃي. سندن ادارو ٻولي کي اهميت ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي رهيو آهي. ان موقعي تي قاسم آباد بزنس فورم جي اڳواڻ حاجي رحمت الله ساند ۽ ٻين دڪاندارن خاطري ڪرائي ته هو فوري طور پنهنجن دڪانن تي سنڌي ۾ نالا لکرائڻ شروع ڪندا. هنن چيو ته اهو ڪم سڀاڻي (اڄ) کان ئي شروع ڪيو ويندو. ريلي ۾ ايڪو سائونڊ ذريعي ٻولي جي جاڳرتا لاءِ سنڌي جا گيت به هلايا ويا.