ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) ٽنڊو ڄام جي ورڪشاپ اسٽاپ واري علائقي ۾ ويٺل پينو فقير جي غلام علي شيخ جي 55 سالن جي زال مومل شيخ پنهنجي 12 سالن جي پٽ سميت مبينا طور اغوا ٿي وئي، سندس مڙس ٽنڊو ڄام ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته سندس 55 سالن جي زال مومل شيخ کي تاجو عالماڻي اغوا ڪري ويو آهي، ساڻس 12 سالن جو پٽ به آهي، مليل ڄاڻ موجب مبينا طور اغوا ٿيل 55 سالن جي مومل شيخ 8 ٻارن جي ماءُ آھي، پوليس ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته مومل شيخ، تاجو عالماڻي ۽ سندس مڙس گڏجي پيندا هئا ،تاجو عالماڻي کيس ورغلائي وٺي ويو آهي، اغوا ناهي ٿي.