لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر ويجهو ڳوٺ حاصلا ۾ وياج جي پيسن جي معاملن تان حاصلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪهاڙيون، لٺيون، ڏنڊا ۽ ٺونشا لڳڻ سبب هڪ عورت سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ محمد صالح، نواز، بشير، منٺار، امجد، غفار، صحبت، معشوق، رشيد، مجاهد، شاهنواز، عنايت، عابد علي ۽ مسمات انور خاتون ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.