ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو ويجهو ڳوٺ گلاب چنا ۾ نامعلوم چور پورهيت شبير چنا جي گهر ۾ گهڙي مينهن چوري ڪري رهيا هئا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، جن مزاحمت ڪئي، ان ڏس ۾ چورن لٺيون ۽ سروٽا هڻي شبير احمد چنا، الله ڏنو ۽ رمضان چنا کي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن مڙسي ڪري هڪ چور امين بنگلاڻي کي سوگهو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن پڪڙيل چور کي بعد ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو.