عمران خان سول ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي: احسن اقبال

0
212
عمران خان کي ڏڦيڙ پکيڙڻ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان سول ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، اڄ حالت اها آهي جو حڪومت کي ماسڪ پارائڻ لاءِ به فوج جي ضرورت پئجي رهي آهي، ڪٿي آهي سول انتظاميا؟ نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال پي ٽي آءِ سرڪار تي ڇتي تنقيد ڪئي آھي، احسن اقبال چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن ۾ سول ادارن هر چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، موجوده حڪومت ۾ ڪوڙن ڪيسز ذريعي آفيسرز کي هراسان ڪيو ويو، سازش تحت سياستدانن جي ڪردار ڪُشي ڪئي پئي وڃي، ڇا هتي رڳو سپريم ڪورٽ جو جج، اڳوڻو وزيراعظم ۽ سياستدان جوابده آهن، هن وقت 2 نه پر 10پاڪستان نظر اچي رهيا آهن، شهباز شريف کي بنا جواز جيل ۾ بند رکيو ويو، شهزاد اڪبر ڪاغذ لهرائي ڏيکاري رهيو هو، اُهي عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيا؟ عمران خان کي چئلينج ڪريان ٿو، منهنجي خلاف 32 پئسن جي به ڪرپشن ثابت ٿي ته قوم جو ڏوهاري هوندس.