ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) تعلقا شجاع آباد جي يوسي مکڻ سمون اسٽاپ جي زميندار خليفو سمون وٽ هارپو ڪندڙ پورهيت پريم چند عرف پلو ڪولھي جي زال 32 سالا شرمتي راضي ڪولھي رات دير سان پنهنجي ڳچي ۾ رسو ٻڌي پنهنجي ئي گهر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. مڙس کي پاڻي جي واري لاء ڳوٺاڻو اٿارڻ آيو ته ناري جو لاش لٽڪندو ڏسي مڙس کي اٿاريو جنهن بعد گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. اطلاع تي تعلقي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ميرپورخاص کڻائي ويا جتي ڊيوٽي تي موجود ليڊي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. ٻئي طرف ڳوٺ ۾ چئو ٻول آهن ته ناري غربت ۽ اڻ هوند جي ڪري خودڪشي ڪئي آهي.