ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي لڳ ڳوٺ ڪالي خان مهر واسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ سومري ڀيل پنهنجو مذھب مٽائي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي، سندس اسلامي نالو خيران شيخ رکيو ويو. ميرواهه گورچاڻي لڳ جهلوري شهر جي ڳوٺ ڪالي خان مهر واسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ سومري ڀيل مذهب مٽائي نوجوان نواز علي ولد خان محمد جوڻيجو سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي. هن چيو ته منھنجو اڳوڻو مڙس ڪونڀو ڀيل، سندس مائٽ ۽ منهنجا ڀائر موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. اسان شريعتي محمدي موجب رضا خوشيءَ سان شادي ڪئي آهي منهنجا ۽ منهنجي مڙس جا ويري بڻيل آهن ۽ اسان جي شادي مان خوش نه آهن جنهن ڪري هو مارڻ چاهين ٿا. هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفط فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن خيران شيخ جي اڳوڻي مڙس ڪونڀو ڀيل ٻڌايو ته منهنجي گهر واري کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن کي نوجوان نواز علي جوڻيجو اغوا ڪري حراسان ڪري مذهب مٽائي غير قانوني طور شادي ڪئي آهي جنهن جي دانهن مان پهريان جهلوري ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ لاءِ ويس پر انهن مونکي حد جو جواز ڄاڻائي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ٿاڻي تي موڪليو پر اتان به مونکي ڪا موٽ نه ملي. مسڪين آهيان منهنجي گهر واري کي اغوا ڪيو ويو آهي مونکي منهنجي گهر واري واپس ڪرائي وڃي.