ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان ۾ مين پوڙي ۽ گٽڪي جي ڪارخاني تي 3 ڏينهن اڳ لڳل ڇاپي کانپوءِ ايس ايس پي عبدالله ميمڻ کي هٽائي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته  ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ کي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي اضافي چارج سونپي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدار اڪبر لغاري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ايس ايس پي جي بدلي کانپوءِ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ايس ايس پي شپ وٺڻ لاءِ پراڻا ايس ايس پيز عابد بلوچ ، نسيم آرا پنهور ، ذوالفقار ٽالپر ، شبير سيٺار ۽ ٻيا ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا آهن.  70 موري جي ڳوٺ صاحبڏنو لغاري ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي جوڙيل پوليس ٽيم مين پوڙي ۽ گٽڪي جي ڪارخاني تي ڇاپو هنيو هو، جنهن ۾ اڪبر لغاري پوليس ڇاپي دوران فرار ٿي ويو هو، جڏهن ته 7 ايف آءِ آرن ۾ 35 کان مٿي ڄاڻايل جوابدار پڻ اڃان تائين پوليس جي پڪڙ کان بچيل آهن، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ پاران ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ايس ايس پي عبدالله ميمڻ کي هٽائي کيس سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ايس ايس پي عبدالله ميمڻ جي بدلي کان اڳ هڪ ڊي ايس پي ، 2 ايس ايڇ اوز ۽ 3 پوليس اهلڪارن کي مذڪوره واقعي جو ذميوار قرار ڏيئي معطل ڪيو ويو هو . ٻئي پاسي ڇاپي بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاھ پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي دعوىٰ ڪئي هئي ته 10 ڪروڙ روپين جو مين پڙي ۽ گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان پوليس هٿ ڪيو آهي، ذريعن موجب پوليس ڇاپي دوران گٽڪي  جي سامان سان گڏ لکين روپيه روڪ، وڏي تعداد ۾ چوپايو مال ۽ ٻيو سامان پڻ کڻي ويئي آهي پر 7 ئي داخل ايف آءِ آر ۾ لکين روپيه روڪ رقم،  چوپايو مال کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ساڃاھ وندن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مذڪوره معاملي تي نوٽيس وٺي جانچ ڪرائي وڃي .هوڏانهن ڇاپي باوجود ٽنڊو محمد خان هيڊڪوارٽر شهر سميت ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ مين پڙي ۽ گٽڪو ، سفينا جو وڪرو بند ناهي ٿي سگهيو، 80 روپين واري مين پڙي هاڻي 100 کان 120 ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي، ورتل معلومات موجب وڏي ڪارخاني جي بند ٿيڻ کانپوءِ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مين پڙي ۽ گهٽڪي جا ننڊا ننڊا واپاري سرگرم ٿي ويا آهن ۽ ڪيبينن ۽ دڪانن تي لڪ ڇپ ۾ مين پڙيون ۽ گهٽڪن جا ڪٽا بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڏيئي رهيا آهن.