ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊوالهيار ۾ پيرا ميڊيڪل پاران سول اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري غلام رسول خاصخيلي، فيض لغاري، جاويد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميھڙ ۾ ملازمن مختيار کوسو، ڊاڪٽر امام کوسو، محمد اعظم پھنور، خان محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڏيئي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر سميت سموري اسٽاپ ڊاڪٽر جيوت رام، غلام ڪبريا چانگ، راشد آرائين، سانوڻ دلواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، حيدرآباد ۾ پيرا ميڊيڪل الائنس جي سڏ تي سرڪاري اسپتالن ۾ عملي پاران 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪري ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا، سول اسپتال، تعلقي قاسم آباد اسپتال، پريٽ آباد اسپتال، ڪوهسار اسپتال، شاهه ڀٽائي اسپتال، نفسياتي اسپتال ۽ سروس اسپتال سميت ٻين ننڍين وڏين اسپتالن ۾ ملازمن جي احتجاج سبب علاج لاءِ آيل مريض دربدر بڻيل رهيا، اڳواڻن شريف پالاري، عبدالغفار رند ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار رسڪ الائونس، سروس اسٽريڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل سميت ٻيا مطالبا منظور نه ٿي ڪري، جڏهن ته پيرا ميڊيڪل عملي، ڊاڪٽرز توڙي نرسز پاران ڪرونا دوران جانيون خطري ۾ وجهي مريضن جو علاج ڪيو ويو جن کي ڪرونا الائونس نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا ملازمن سان ناانصافي آهي، اڳواڻن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ هو سڄو هفتو 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ٿيا ته هو ايندڙ هفتي او پي ڊيز جي مڪمل بائيڪاٽ بابت حڪمت عملي جوڙيندا.