دادو ( رپورٽر ) دادو جو اديب ، ليکڪ رٽائرڊ استاد محمد عرس اظهر سولنگي شگر ۽ بلڊ پريشر جي تڪليف سبب عبدالله انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ ۾ وفات ڪري ويو سندس مڙھ سيوهڻ کان دادو ۾ پير بخش سولنگي ڪالوني ۾ گهر پهچايو ويو جتي تڏو وڇايو ويو آهي. اديب ، شهري تڏي تي پهچي سندس ڀاءُ ريڙها يونين جي صدر ميوو خان سولنگي ۽ پٽ اڪبر سان ڏک ونڊڻ لاءِ پهچي ويا آهن، صبح جو سندس پير محمد مراد ناڪو قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي، عرس اظهر سولنگي دادو ماضي حال ، مستقبل ، دادو جون شخصيتون سميت 4 ڪتاب ترتيب ڏنا ، سنڌي ادبي سنگت پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو.