ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ نينگر ننڍي ڀيڻ سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ بخشو ڪلوئي ۾ 16 سالن جي نينگر نثار پٽ منير خاصخيلي ننڍي ڀيڻ سان ڪاوڙجي گهر ۾ پيل جيت مار دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن کيس فوري طبي امداد ڏئي سندس حياتي بچائي ورتي.