خيرپور (رپورٽر) فيض گنج جي ڳوٺ ٽمون خان لاشاري جي رهواسين علي بخش لاشاري، حبيب الله لاشاري ۽ حبدار علي لاشاري ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻانڀڻ برادري جي ماڻهن اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هنن ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ ٻانڀڻ برادري جي ماڻهن ڏاڍ ڪري اسان جي فصلن ۽ ڀاڄين ۾ چوپايو مال ڇڏي فصلن جي ڀيل ڪرائي وڏو نقصان ڪيو منع ڪرڻ تي لاشاري برادري جي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪري 5 ڳوٺاڻن علي بخش لاشاري، ارباب لاشاري، محمد لائق لاشاري، صوبو خان لاشاري ۽ حاڪم علي لاشاري کي اڌ مئو ڪري فرار ٿي ويا، ٻانڀڻ برادري جي دهشتگردي جو نوٽيس ورتو وڃي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪري جيل موڪليا وڃن ٻي صورت ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال جي ذميواري اسان تي نه هوندي.