ٺٽو (رپورٽر) جھرڪ ويجهو ميٽينگ ريلوي اسٽيشن وٽ ڳوٺ ڇڇ ٻٻر واسڻ 50 سالن جي زينب زال گل حسن ٻٻر ريلوي پٽڙي ڪراس ڪندي اوچتو ايندڙ تيز رفتار ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي وئي. فوت ٿي ويل عورت جي لاش کي حد جي پوليس کڻي جھرڪ اسپتال منتقل ڪيو. ضروري ڪارروائي بعد وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا. وارثن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته عورت کي مرگھيءَ جا دورا پوندا رهندا هئا.