ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر جو مک سرڪل وارو مير غلام محمد خان ٽالپر روڊ تي گٽرن جو پاڻي پلٽڻ ڪري روڊ گٽرن جي پاڻي سبب تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته روڊ تان لگهندڙ شهري ۽ اسڪول ويندڙ شاگرد سخت پريشان آهن. هتان جي رهواسين غلام علي خاصخيلي، غلام قاسم نياز احمد لاشاري ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا جي نااهلي جي ڪري اسين برسات جي موسم کان وٺي سخت پريشان آهيون، روڊ تي هڪ فوٽ تائين گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنھن ڪري اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو کان گهر ڪئي ته ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري شهر جي مک روڊ تي بيٺل گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.