لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو انتظاميا شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل، مختلف علائقا ٻڏل، متاثرن جي واهر نه ٿي، کين رليف ڪئمپ مان نيڪالي ڏيڻ جي ڪوشش، مظاهرا، ڌرڻا، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو انتظاميا شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن، شهر جي عبدالله ڪالوني ،گلشن مدينا، يار محمد ڪالوني، رضوان ڪالوني، ممتاز ڪالوني، سهيل ڪالوني، نيو اناج منڊي سميت ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ان حوالي سان شهرين   واجد منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  برساتن کي بند ٿيندي 25 ڏينهن گذري ويا آهن پر انتظاميه هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي،  جنهن ڪري سڄي علائقي ۾ بدبوءِ ڦهلجي وئي آهي ۽ ڪيترائي ڪچا توڙي پڪا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون توڙي ڀتيون ڪمزور ٿي ويون آهن. پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.  هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر جي گرلس ماڊل اسڪول ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل ٻوڏ ۽ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف جناع باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي متاثرن نور حسين ڏاهاڻي، اصغر شابراڻي، ثناءُ الله ڪلهوڙو، الهه يار ڪورائي ۽ ٻين دانهيو ته اسان جو واسطو لاڙڪاڻي، ٺل، وارهه، ڳڙهي خيرو، جاگير، غيبي ديرو، ڳوٺ رتو خان ڪلهوڙو سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن سان آهي،اسان جا گهر ڊهي پيا، پنهنجون حياتيون بچائي لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ گرلس ماڊل اسڪول ۾ پناهه ورتي آهي، هنن الزام هنيو ته مهيني کان وٺي اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو، پاروٿو کاڌو کارائي اسان کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي ٻارن کي کير توڙي ٻيون دوائون به نه ٿيون ملن جن جون زندگيون خطري ۾ آهن.  اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن. واهر ڪئي وڃي.  ٻي طرف سچل ڪالوني جي هاءِ اسڪول ۾ ترسيل مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثرن ماسترن پاران زبردستي اسڪول خالي ڪرائڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي علي حسن چانڊيو، عرفان علي لهر ناديه خاتون، نظيران خاتون پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانيهندي چيو ته  ٻوڏ کانپوءِ اسان جا گھر ڪري پيا، مجبور ٿي ٻچا وٺي سچل هاءِ اسڪول ۾ پناهه ورتي آهي، جتي اسان کي ٽن وقتن جي ماني به نه ٿي ملي نه دوا ٿي ويتر اسان کي اسڪول مان اٿارڻ لاءِ اسڪول انتظاميا زبردستي اٿارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، نوٽيس وٺي   اسان کي متبادل جڳھه ڏئي در بدر ٿيڻ کان بچايو وڃي