جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني جي اسڪول ۾ ويٺل برسات متاثر عورتن مسمات خاني، مسمات حضوران  ۽ مينڌرو فقير، محمد قاسم کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته اسان علي شير آفريدي اسڪول ۾ ترسيل آھيون اسان کي نه راشن مليو آھي نه ئي ڪو ٽينٽ مليا آھن، ضلعي انتظاميا پاران صرف دلاسا ڏنا پيا وڃن، اسڪول خالي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن، ضلعي انتظاميا پاران واهر لاءِ جيڪي ٽوڪن جاري ڪيا آهن ان باوجود به راشن ۽ ٽينٽ ناھن ملي سگهيا، هنن مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.