ٽنڊو الهيار (رپورٽر ) رات دير سان ٽنڊوالهيار شھر جي چمبڙ روڊ تي واقع بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اشفاق ٽائون ۾ 28 ورهين جي نوجوان فيض محمد ولد آدم ٿيٻو مبينا طور گھرو پريشاني ۽ غربت کان تنگ ٿي گهر اندر  پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جي امڙ کيس خودڪشي کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ زخمي ٿي پئي، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته گولي سندس جسم مان پار ٿي کيس بچائيندڙ امڙ زھرہ بيبي ٿيٻو کي پڻ لڳي، جنهن کي پڻ نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊوالھيار آندو ويو جتي مسمات زھرہ ٿيٻو کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد مرڻينگ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جڏهن ته ٻي پاسي علائقي ۾ اهي چئو ٻول به گردش ڪري رهيا آهن ته  نوجوان پنهنجي والده کي گولي ھڻڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي جيڪو رستي ۾ زخمن جا سور نہ سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٻي پاسي بي سيڪشن پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تہ جانچ ڪيون پيا اصل حقيقت اچڻ بعد ميڊيا کي آگاھ ڪنداسين