ڪراچي (نمائندن وٽان)  مڇر ڪالوني واقعي تي سنڌ جي ڪاوڙ جهڪي نه ٿي، سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، حيدرآباد۾ اڳواڻي ڪندڙ جان محمد جوڻيجو، رستم لاشاري، جبار راهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو. سکر ۾ مڇر ڪالوني واقعي خلاف محمد علي شيخ، نومي کوسو، بابر مستوئي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. گهوٽڪيءَ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي پريس ڪلب گهوٽڪي آڏو ضلعي اڳواڻ خالد حسين لاکو، ناھيد حسين ملڪ، علي گوھر پٺاڻ، وقار شيخ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي مڇر ڪالونيءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل ٻن سنڌي نوجوانن جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ميرپورماٿيلو پريس ڪلب اڳيان ايس ٽي پي پاران زاھد ميراڻي، علي نواز جلباڻي، شڪور ڇڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مڇر ڪالوني واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو.رھڙڪيءَ ۾ پڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي  ڄام مجيب سميجو، معروف سميجو، نصير سومرو، حليم  سميجو، ممتاز پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ڀٽ شاهه  ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن رحمدل مگسي سڪندر شاھ، قربان عمراڻي، امام علي شاهه، گل بهار بليدي، بچل کوسو، مريد پلال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيوويو. چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪاڪ اشفاق ميمڻ منظور احمد مگسي حيدر جهولائي علي اڪبر شاھ جمن هالو عطا بنگلاڻي اڪبر مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.  مانجهند ۾ ميرحسن سومرو منٺار ڇڇر گلزار ملاح بابل کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  پنگريو ۾ لکاڏنو عمراڻي الھبخش درس اڪبر لنڊ امين حجام ۽ٻين پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو .سجاول سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران عبدالغني ملاح ملاح، جمن سنڌي، ممتاز لغاري، گل حسن، فاروق شيدي، ريحان بوبڪ، سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر ھوت چند، نظير احمد هٿيار ۽ ايس يو پي ضلعي صدر دادا سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. بدين ۾ ايس ٽي پي پاران شاھنواز سيال ضلعي اڳواڻ غلام قادر مراداڻي رسول بخش چانگ جي اڳواڻي ۾ مهراڻ چوڪ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو, جاتي ۾ اشرف ٿهيم ۽ رزاق ٿهيم جي اڳواڻي ۾ لينڊواه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ٽنڊوباگو ۾ ايس ٽي پي  شاهنواز سيال، علي حيدر پنهور، لکاڏنو عمراڻي ۽ غلام مصطفي هاليپوٽو جي اڳواڻي الله واري چوڪ کان وڏي ريلي ڪڍي پريس ڪلب چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. کورواھ ابوبڪر ڪڇي مصطفا ڪنڀار نور علي جت ڪامريڊ يوسف لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو.  تلهار ۾ اسلم سمون.شريف سمون. مظهر ڪهيري. افتخار لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪيو. نندي ۾ يوسف لاکاٽيو ،عبدالجبار ملاح ، صديق لاکاٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو . جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هڪ احتجاجي جلوس ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي ۽ عبدالنبي مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو.شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.لاڙڪاڻي ۾ احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، طارق جتوئي، شمس الدين پنهور احتجاج ڪيو.مٺي ۾  ايس ٽي پي پاران گھنشام مالھي، مشتاق قاسماڻي، راھو ڀيل، ڏيوجي ڀيل، لالا مھيش ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نئون ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن قادر بخش ڀنڀرو، سجاول ڪنڀار، ڀورل سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،سرهاري ۾ ايس ٽي پي پاران ڪامريڊ الهجڙيو مگسي، ڪامريڊ جعفر جان بروهي، علي حسن مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،جھول ۾ ايس ٽي پي پاران علي ڏنو خاصخيلي، جان محمد ابڙو، ڪامريڊ جعفر سنڌي، مختيار لغاري، ربنواز ٻرڙو، نندلال ڀاٽيا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، رفيق ملاح، رستم شاهه، ٻڍل مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا رستا بند ڪيا پيا وڃن، حڪمران جماعت پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن سبب تيزي سان ڪراچي ۾ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.قاتلن کي گرفتار ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.