ڇاڇرو (رپورٽ: جبار نهڙيو) ڇاڇرو ويجهو چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب 11 گهر سڙي رک، خبر موجب ڳوٺ ڪيتاري ۾ چلهه جي چڻنگ مان گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ميگهواڙ برادري جي 11 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ ننگر ميگھواڙ، رميش، ڀادو، موهن، وارثو، جواهر لعل، ڪرشن، ڀورو، لڇمڻ، صدُو مل ۽ ٻيا شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گھرن ۾  پيل کٽون، بسترا، کاڌي پيتي جو سامان، زيور، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، ڇاڇرو ٽائون ڪاميٽي جون فائربرگيڊ گاڏيون خراب هجڻ سبب پهچي نه سگهيون، جنهن بعد ڳوٺاڻن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.