ٽنڊو مير علي ڀرسان زميندار طرفان ٻڪري مارڻ واري واقعي تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو

0
325

ٽنڊو مير علي (ن پ ا) ٽنڊو مير علي ڀرسان بيحس زميندار طرفان ٻڪري مارڻ واري واقعي تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، زميندار عباس آرائين گذريل ڏينهن فصل ۾ داخل ٿيڻ تي ٻڪري کي مبينا طور ڏنڊا هڻي ماري ڇڏيو هو، ٻڪري مالڪ ۽ ملاح برادري جي ماڻهن زميندار خلاف ٻڪري مارڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ذريعن موجب پوليس ۽ بااثرن طرفان ٻڪري مالڪ تي ٺاهه لاءِ دٻاءُ جا چئوٻول، متاثرن دانهيو آهي ته پوليس بااثر زميندار کي گرفتار نٿي ڪري، ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار ڌُر ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، متاثرن طرفان زميندار جي گرفتاري ۽ تحفظ جو مطالبو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد زميندار جا حامي ۽ آرائين برادري جي ماڻهن طرفان مظاهرو، مڇريل ماڻهن دڪان ۽ بازارون بند ڪرائي ڇڏيون، شهر جي اڪبر چوڪ تي ڌرڻو، زميندار خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ جو مطالبو، ايس ايس پي خيرپور چوڪي انچارج کي معطل ڪري ڊي ايس پي ٺري ميرواهه کي معاملي جي جاچ جي هديت ڪري ڇڏي، هڪ ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.