ڪراچي ۾ 15 جون تي وڏي رتوڇاڻ جي سازش ٿي رھي آھي: سعيد غني

0
442

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ متحده پاڪستان طرفان 15 جون تي اعلانيل احتجاج سنڌ کي لساني فسادن ڏانهن ڌڪڻ جي سازش قرار، صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته متحده لنڊن جي سربراهه بحريه ٽائون اڳيان احتجاج جي حمايت ڪئي هئي، احتجاج ۾ متحده لنڊن جون تصويرون هيون، متحده پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ 80 جي ڏهاڪي جهڙا لساني فساد ڪرڻ گهري ٿي، 15 جون تي احتجاجن جا سڏ ڪراچي ۾ رتوڇاڻ جي سازش جو حصو آهن، سنڌ جي خيرخواهن کي اپيل ڪريون ٿا ته اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيو، بحريه ٽائون ۾ باهيون ۽ هنگاما ڪندڙن جون وڊيوز آهن، ذميوارن خلاف ايڪشن کنيو ويندو، سعيد غني وڌيڪ چيو تھ وفاقي سرڪار جي پاليسيز سبب اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي رهيون آهن، وفاقي سرڪار جي قدمن سان سن جي ماڻهن ۾ محرومي جو احساس پيدا ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ ڄاڻي واڻي وڇوٽيون پيدا ڪرڻ وارا قدم کڻي رهي آهي، ايم ڪيو ايم پاڻ کي ڪراچي جو چيمپيئن سمجهي ٿي، پر آدم شماري جي معاملي ۾ سنڌ سان دوکو ڪيو، سنڌ سرڪار آئيني اختيار استعمال ڪندي آدم شماري تي خدشن جو اظهار ڪيو، موجودا وفاقي سرڪار نااھل آھي، اسان جڏھن وفاق ۾ ھئاسين تھ صوبن ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ڪيون، سڀني کي ھڪ پليٽ فارم تي آندو، جيڪي بھ فيصلا ٿيندا ھئا تھ انھن ۾ صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندوھو، عمران خان جي سرڪار عوام کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي، آدمشماري ۾ بھ سنڌ سان دوکو ڪيو ويو، سنڌ جو حصو ڦٻايو پيو وڃي.