ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان متارو پوليس پوسٽ جي حد  بس اسٽاپ  ڍوڪياهه واهه موري  ويجهو  غربت ۽ بيروزگاري سبب 4 ٻارڙن جي پيءُ 40 سالن پورهيت ڀورو پٽ نيڻشي ڪولهي مبيناطور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن موجب  فوتي جي زال ڪافي عرصي کان  بيمار آھي  جنهن جي علاج  لاءِ سخت پريشان هو، ٻئي طرف اطلاع ملڻ تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جڏهن ته وارثن فوتي جي پيءُ نيڻشي ڪولهي موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران قانوني لک پڙهه بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .