نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ نڀوڙو ڀٽي جي ھرکجي اغوا ٿيل پورھيت لاءِ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، پورھيت غلام مرتضيٰ 20 ڏينھن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي گھران نڪتو ھو. مغوي جي فون تان مائٽن کي ڌاڙيلن فون ڪري ڀنگ طلب ڪيو. ڌاڙيلن جي فون اچڻ تي پورھيت جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، پورھيت جي والد غلام مصطفيٰ ڀٽي ٻڌايو ته ڌاڙيلن ڌمڪي ڏني آھي ته 25 لک ڏيو يا لاش کڻو، مون کين چيو ته 25 لک نه ٿا ڏئي سگهون. جنھن تي ڌاڙيلن سوچي جواب ڏيڻ جي مھلت ڏني آھي. هن چيو ته اسان غريب آهيون، نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي. ھن چيو ته فون لوڪيشن ٽريس بعد خبر پئي آھي ته فون بخشاپور ضلع ڪشمور مان ٿي آھي.