لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري پاڪستان مسلم ليگ نواز ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. سردار دوست محمد مزاري نواز ليگ جي چيف آرگنائزر مريم نواز سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس پارٽي ۾ ڀيلڪار چيو. مريم نواز چيو ته سردار دوست مزاري جي شموليت سان ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي مضبوط ٿي ويندي. ياد رهي ته سردار دوست مهمد مزاري 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي پي پي 297 راجن پور 5 تان ايم پي اي چونڊيو هو. 16 آگسٽ 2018 تي هن 187 ووٽن جي اڪثريت سان ڊپٽي اسپيڪر طور ڪاميابي ماڻي.