ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪامورن جون بدليون، ان ڏس ۾ ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي ڊي سي غلام مرتضيٰ شيخ کي بدلي ڪري ناڻي کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، سندس جاءِ تي منظور احمد ڪنراڻي کي نئون ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سانگهڙ هاءِ اسڪول جي چيف هيڊماستر محمد اقبال ڪنڀر کي ڪنڊياري هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستر ڪيو ويو آهي، جتان 20هين گريڊ جي چيف هيڊماستري محمد اڪبر ميمڻ کي بدلي ڪري شهدادپور جي گرلز هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر اسلم ڀنگر کي جيڪب آباد جو ڊي ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي.