ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ والجي ڪولهي مان 5 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 16 ورهين جي سيتا ڪولهي جي اغوا جي ايف آءِ آر نينگري جي والد گينو ڪولهي جي فرياد تي عنايت علي لغاري، عثمان لغاري، قاسم سومرو ۽ هڪ اڻ سڄاتل سميت  5 ڄڻن خلاف داخل ڪئي وئي آھي، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار رات جي وقت گهر اندر داخل ٿي اسان کي يرغمال بڻائي زبردستي نياڻي کي ڪار ۾ اغوا ڪري کڻي ويا آھن، هوڏانهن پوليس موجب اغوا جي الزام هيٺ آيل جوابدارن خلاف ڇاپا هنيا آھن پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا آهن، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.