ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو پوليس اغوا جي ڪيس ۾ لاڪپ مان فرار ٿيل جوابدار عمر بهراڻي کي اڃا تائين هٿ نه ڪري سگهي آهي، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب بازياب ڪرايل ناري جي وارثن ۾ بي چيني ڦهليل آهي، ان ڏس ۾ ناري جي پيءُ ۽ ٻين وارثن شعبان لاشاري، ظفر علي لاشاري ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته اغوا جي جوابدار کي ايس ايچ او ۽ وڏي منشي لکين رپيا رشوت وٺي هٿ سان فرار ڪرايو آهي، هنن چيو ته ڪجهه اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري اصل ذميوارن کي بچايو ويو آهي، هوڏانهن ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوابدار جي لاڪپ مان فرار ٿيڻ واري واقعي جي انڪوائري رٿيل آهي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.