گھارو (ن پ ا) گھاري ۾15 ڏينھن اڳ نئين آبادي جي رھواسي 13 ورهين جي نينگر احمد چانڊيو سان جوابدار حيات ملاح مبينا طور بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، نينگر جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو هو، جنهن بعد نينگر جي وارثن گهارو ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، ان حوالي سان پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار حيات ملاح کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار کي اڄ ٺٽي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.