ٽندوجان محمد (ن پ ا) جماعت اسلامي صوبي سنڌ جو امير ۽ سابق ايم اين اي محمد حسين محنتي مڪاني چونڊن جي حوالي سان ٽنڊوجان محمد ۾ جماعت اسلامي جي نامزد اميدوارن ڪامران ياسين، محمد طاهر، سڪندر علي، محمد ظاهر سان اليڪشن آفيس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي پنھنجي  پوري صوبائي مشينري کي استعمال ڪري مڪاني چونڊن کي ھاءِ جيڪ ڪري رھي آھي پر جماعت اسلامي پوري صوبي۾ پ پ جو مقابلو ڪندي. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي ٽنڊوجان محمد ۾ جماعت اسلامي جي اميدوارن سان گڏ وارڊ ۾ پڻ ورڪ ڪيو.