شڪارپور ( رپورٽر ) پ پ اميدوارن مٿان جي ڊي اي جي اميدوارن ۽ حامين کي پوليس ذريعي حراسان ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ڪالهه شڪارپور پريس ڪلب ۾ چڪ شهر ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان حصو وٺندڙ 6 اميدوارن محسن علي مهر، غلام علي سومرو، عمران سيٺار، غلام مصطفيٰ مهر، عبدالرب انصاري ۽  شهباز ڏنو لاڙڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي مخالف پ پ اميدوار ڊاڪٽر نويد مهر اسان خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪرائي رهيو آهي هو پاڻ سڌي ريت ۽ چڪ ۽ بچل ڀيو ٿاڻن جي پوليس معرفت اسان جي ووٽرن ۽ حمايتن کي حراسان ڪرائي پيو، چڪ ٿاڻي جو ايس ايچ او حڪومتي ڌر جي اميدوارن جو وانگارو بڻجي ويو آهي جيڪو پاڻ چڪ شهر ۾ ماڻهن جي درن تي اچي کين ڊاڪٽر نويد مهر ۽ سندس ساٿي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڌمڪائي ٿو، پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کي اپيل ٿا ڪريون ته هو جلد اپاءَ وٺي اسان کي ۽ اسان جي حمايتن کي تحفظ ڏيارين،هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پ پ پاران ٽائون چڪ تي چيرمين جي اميدوار ڊاڪٽر نويد مهر چيو آھي ته مخالف پهريون ڀيرو پنهنجي شڪست ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن صحافي امين بڻجي جاچ ڪن ته حقيقت سامهون اچي ويندي.