ٽنڊو آدم (ن پ ا) ڪاٺ جي واپارين احتجاج ڪندڙ مزدورن خلاف تحفظ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ راجا خان ملوکاڻي، پپو جلالاڻي، غلام فريد ملوکاڻي، شھباز رانا، مشتاق ڀٽي، شريف خاصخيلي، رزاق عمراڻي، ممتاز ڀرڳڙي سميت 16 ۽ 94 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي، هوڏانهن ليبر کاتي حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عامر ياسر شاهه ميڊيا ۾ پورهيتن جي احتجاج جون خبرون هلڻ جو نوٽيس وٺندي پورهيت اڳواڻن ۽ واپارين کي 6 مارچ سومر ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪيو آھي، ٻئي پاسي ڪاٺ جي واڍي ڪندڙ  پورهيتن اجرت نه وڌائڻ خلاف راجا خان ملوکاڻي، مشتاق ڀٽي، پپو جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 5 ڏينهن به  احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو، ان موقعي تي مزدورن دانهيندي چيو ته گذريل 5 ڏينهن  کان روزانو گهٽ اجرت ھجڻ خلاف دانهين رهيا آھيون پر واپاري ٽال مٽول ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته واپارين اسان جي 110 پورهيتن خلاف سول ڪورٽ ٽنڊو آدم ۾ 22 A جي درخواست داخل ڪئي آھي، هو اهڙا حربا هلائي اسان کي هيسائڻ چاهين ٿا پر اسان جي جائز حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي، هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪري مزدورن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.