سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻن جا گهر سڙي رک، خبر موجب منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر 15ڳوٺ حاجي شوڪت جٽ ۾ چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ چار گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ ربو بگٽي، مراد بگٽي ڇلو بگٽي ۽ ميلو بگٽي شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڍڳي ۽ هڪ ٻڪري پڻ سڙي مري وئي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.