شھدادڪوٽ ( رپورٽر  ) شھدادڪوٽ ۾ شھيد ڀٽو پاران ملڪ ۾ مھانگائي، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف سوين ماڻهن پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چونڪ تي 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو.ان موقعي تي عنايت عمراڻي، اسلم شاھ، منير بروھي، حبيب پتوجو جو چوڻ هوته نااھل حڪمرانن جي ڪرپشن، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف روڊن تي اچي ويو آهي.پي ڊي ايم حڪومت ملڪ ۾ مھانگائي ڪري عوام کان ھڪ ويلي جي ماني ڳڀي سميت جيئڻ جو بنيادي حق کسي ورتو آهي. سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ پنجاب جي رستن تي ڌرڻا ھڻي پنجاب جا رستا بند ڪنداسين.اڳواڻن چيو ته عوام سجاڳ ٿي ويو آهي، ڪرپشن جو پورو پورو حساب وٺنداسين ۽ ڪرپٽ  نظام جو گھيراءُ ڪيو ويندو .