ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران سلطان خاصخيلي، مولابخش خاصخيلي، انور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خاصخيلي برادري جي ٽن نوجوانن اياز گل خاصخيلي، جمن خاصخيلي ۽ اڪبر خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته 29 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.