مسوڀرڳڙي (ن پ ا) واپڊا مٽياري جي نا اهلي سبب 2 ڏينهن اڳ ۾ طوفاني برسات سبب مسوڀرگڙي ڀرسان بجلي جي 11 ھزار لائن جا ٿنڀا پاسيرا ٿي ويا جيڪي اڃا تائين سڌا نه ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف انھي ٿنڀن ڀرسان انبن جي باغ ۾ ڪجھ وڻن ۾ بجلي جون تارون پڻ وڻن منجھا گذرن پيون جنھن سبب ڪنھن مھل به ڪو جاني نقصان ٿيڻ جو ھتي انديشو آھي. ھتان جي رھواسين ۽ ساڃاھ وندن واپڊا مٽياري جي اعلي ا اختيارين کان مسئلي جو ترت نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته جيئن رھواسي ڪنھن جاني مالي نقصان کان بچي سگھن.