حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قاضي احمد ۽ ٽنڊي الهيار واسين زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ قاضي احمد جي ڳوٺ فوٽو ڪنڀر جي رهواسي محمد صالح ڪنڀر الزام هڻندي چيو ته علائقي جا بااثر ڪٻر برادري جا ماڻهو سندس 124 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڄاڻايل زمين ديهه ميرواهه ۾ آهي جيڪا هن 2001ع ۾ محمد خان ڀٽي نالي شخص کان ورتي هئي جنهن جا ڪاغذ به سندس نالي تي ٿيل آهن. لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس وٽ دانهيو پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽنڊوالهيار جي رهواسي زميندار محمد مبارڪ خانزادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته سندس 72 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي ڀائرن قبضو ڪري کيس بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. 2018ع کان ڀاءُ رياض احمد خانزادي زمين تي قبضي جي ناجائز ڪوشش ڪندو رهيو آهي. تازو سندس ڀاءُ محمد رياض خانزادي بااثر شخص نظير احمد قائمخاني سان گڏجي زمين تي قبضو ڪري سياسي تنظيم سان سلهاڙيل بااثر شخص جي معرفت زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، زمين آزاد ڪرائي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.