ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم سٽي جي پوليس اٽالن فجر مھل چانڊيا ڪالوني ۾ ايس يو پي اڳواڻن امداد چانڊيو ۽ منٺار چولياڻي جي گھرن تي چڙھائي ڪري منٺار کي گرفتار ڪري ورتو، سندس گرفتاري لاءِ ايس يو پي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻ سردار شفيع محمد ساند امداد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيون ته سٽي پوليس جي اٽالن ايس يو پي جي اطلاعات سيڪريٽري امداد چانڊيو ۽ ڪارڪن منٺار چولياڻي جي گھرن تي چڙھائي ڪري منٺار کي گرفتار ڪري وئي. ھنن الزام مڙھيو ته منٺار کي پوليس غائب ڪري ڇڏيو آھي خدشو آهي ته ڪوڙي مقابلي۾ نقصان نه پھچايو وڃي ھنن اختيارن کان انصاف جي گهر ڪئي.