ڪنڊيارو(ن پ ا) شھر جي شھباز ڪالوني واسي جان محمد ڪلهوڙو پاران پنهنجي معصوم ٻارڙن زوهيب، شھاب ۽ ثانيه ڪلهوڙو سان گڏاحتجاج ڪندي دانهيو آھي ته سندس ڳوٺ سهراب خليفو ڪلهوڙو جي ڪجهه بااثرن سان گڏ سندس ڀائر ۽ عزيزن کيس زبردستي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو آھي جنهن کانپوءِ ڪنڊياروشھر ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهان پيو. هن وس وارن کي اپيل ڪندي گهرڪئي ته منهنجي گهر تي قبضو ڪندڙ بااثر ۽ ڀائرن خلاف قدم کڻي انصاف ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ ٻارڙن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.