مٽياري (رپورٽر) نيوسعيدآباد جي ڳوٺ مصري کوسو جي رهواسي عورتن پاران بااثر شخصيت خلاف کوسا اتحاد جي اڳواڻ سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، ان موقعي مسمات عائشه کوسو، سنجر کوسو، غلام مرتضيٰ کوسو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو آهي ته تعلقي نيوسعيدآباد جي اڳوڻي تعلقا ناظم ڳوٺ مصري کوسو جي رهواسين کان ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڏاڍو تنگ ڪيو آهي ۽ هن ڪجهه ماڻهن کي موڪلي عائشه کوسو جي گهر تي حملو ڪرايو آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن ۽ عائشه کوسو پڻ سخت زخمي ٿي پئي هئي ۽ هاڻ وري اهو ساڳيو بااثر ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ڳوٺ مصري کوسو واسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.