نفيس نگر (ن پ ا) نئون ڪوٽ سب ڊويزن جي پڇڙين ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو، آبادگارن جو احتجاج. مٺڙائو واهه جي پوڇڙ واري سب ڊويزن نئون ڪوٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻي جي سنگين صورتحال پيدا ٿي وئي، تنهن ڪري شيڊيول موجب هلندڙ بلالاڻي شاخ، فضل شاخ، سامروٽي شاخ، ڊهيٽي شاخ، هوتا شاخ ۽ ٻين شاخن جي پڇڙين تي پاڻي کوٽ پيدا ٿي وئي، ڪتيءَ جي پوکائي وارو عمل شديد متاثر ٿي ويو. ان حوالي سان بلالاڻي شاخ جي متاثر آبادگارن عبدالستار ٽنگڙي، عبدالڪريم ٽنگڙي، ڀان علي حسن گرگيز ۽ ٻين 13 ميل ريگيوليٽر وٽ آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪتيءَ جي پوکائي شروع ٿيڻ شرط ئي آبپاشي انجنيئر امتياز سومرو ۽ عملدارن وڏي رشوت عيوض ڊي اوز واٽر ڪورس ٽوڙائي اسان جي حصي جو پاڻي بااثرن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته آبپاشي عملدارن خلاف قدم کڻي چوري بند ڪرايل پاڻي کولرايوو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي آبپاشي ايس ڊي او شاڪر حبيب ميمڻ ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ مٿان کان پيدا ٿي آهي جنهن لاءِ مون بالا آفيسرن کي پڻ آگاهه ڪيو آهي انشاءِ الله تمام جلد صورتحال بهتر ٿي ويندي.