ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي مختلف واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ بيربل، علي گل، مسمات شبانه، مسمات رشيده ۽ مڪيش زخمي ٿي پيا. ٻن ڌرين جي جھيڙي دوران نوجوان شير خان زخمي ٿي پيو، ڳوٺ قيصر گھوٽ ۾ ھاري منظور ولد محمد بخش کي نانگ ڪکي وڌو سمورن زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو.