ٽنڊوآدم (ن پ ا)  ٽنڊوآدم لڳ غربت ۽ بدحالي کان تنگ اچي عورت پاران ٽن ٻارڙن سميت سم نالي ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش، ڳوٺاڻن ۽ پوليس کيس بچائي ورتو، رپوٽ موجب لانڍي بس اسٽاپ وٽ غربت ۽ بک کان تنگ اچي 35 ورهين جي انجلي زال رياض اوڏ ٽن معصوم ٻارڙن 7 ورهين جي ڌيءَ ڪاجل، 5 ورهين جي پٽ ساجن ۽ 2 ورهين جي ڌيءَ لڇمي سميت سم نالي ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي ڳوٺاڻن ۽ پوليس بچائي ورتو، پوليس موجب آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ڪٽنب سرن جي بٺي تي ڪم ڪندو هو، برساتن بعد ڪم نه ملڻ جي ڪري هو بيروزگار هو، جنهن ڪري عورت آپگهات جي ڪوشش ڪئي، بعد ۾ پوليس پاران متاثر خاندان جي مالي سهائتا پڻ ڪئي وئي.