سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر سول اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ مان 14 ڏينھن جو معصوم ٻارڙو پراسرار طور لاپتا، وارثن اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس اسپتال انتظاميا جي مدد سان جاچ شروع ڪري ڇڏي. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي صحت مرڪز غلام مھر مھر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ سول اسپتال سکر جي ٻارڙن واري وارڊ مان مبنا طور اغوا ٿي ويل 14 ڏينھن جي معصوم ٻارڙي جو پتو نه پئجي سگھيو. معصوم ٻارڙي جي والد ڪنڌڪوٽ جي رهواسي محمد عيسيٰ گولي ٻڌايو ته هو پنهنجي 5 ڏينهن اڳ ڄاول پٽ کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪرايو، گھر ڀاتي ٻار جون ٽيسٽون کڻڻ لاءِ ويا. واپس پھتا ته ٻار موجود نه هو. اسپتال مان پڇا ڪرائي آهي پرڪو به ڏس پتو ناهي پيو. اسان کي شڪ آھي ته ٻار کي اغوا ڪيو ويو آھي. اهڙي واقعي جو اطلاع ٿاڻي تي به ڏنو آھي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جنھن وقت پراسرار طور لاپتا ٿيو، ھو اُن وقت بجلي بند ھجڻ سبب سي سي ٽي وي ڪئمرائن به ڪم نه پئي ڪيو. ان ڪري ٻارڙي کي مبينا اغوا ڪندڙ جو پتو ناھي پئجي سگھيو. هوڏانهن سکر پوليس اسپتال انتظاميا جي مدد سان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.